اسل??م آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪر?? ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آ??ڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے