راولپنڊي – 08 جنوري (اي پي پي) مريءَ ۾ سخت برفباري سان بند جهيڪا گل?? گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو. آرمي انجنيئرز ۽ فرنٽيئ??ز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي دستن ڊوزرز ۽ ٻي هيوي مشينري سان اهي رستا کوليا، جهيڪا گلي، ڪلڊنه روڊ کي کولڻ جي لاءِ آرمي انجنيئرز جا دستا مصروف آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان ??ڻ فراهم ڪيو پيون وڃي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب ترجمان چيو ته فوجي دستا سول انتظاميا جي مدد ۾ مصروف آهن، مري ۾ موجود سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. جهيڪا گلي ڪلڊنه روڊ پڻ جلد کلڻ جو امڪان آهي. ترجمان ??وج?? برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول ڪلڊنه ۾ ڇت ۽ خوراڪ جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرز جا دستا ۽ مشينري رستن کي کولڻ جي لاءِ متحرڪ آهن، رستا کولڻ جي لاءِ ڊوزر مظفرآباد کان ??نتقل ڪيا ويا آهن. ترجمان ??ڌايو ته ٽرپل ون برگيڊ جا جوان بهاره ڪهو ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضروري کاڌي پيتي جون شيون پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. ترجمان ??ڌايو ته پاڪ فوج پاران ??لٽري ڪاليج مري، جهيڪا گلي، اي پي ايس ڪلڊنه ۽ اسٽيشن سپلاءِ ڊپو سٽي بئنڪ ۾ چار ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن.
مريءَ ۾ سخت برفباري سان بند جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن