اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ??رت??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ??رت??. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه اي??مرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهباز، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت عظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي رهي چڪو آهي، هو پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي رهيو. هو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو. هو 1988ع کان 1990ع تائين پنجاب اسيمبلي جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو، 1993ع کان 1996ع تائين پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ هو پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو. 2008ع ۾ هو چوٿون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع ??ائين هو پنجاب جو وڏو وزير رهيو. 2013ع ??ي عام چونڊن ۾ هن صوبائي اسيمبلي جي ٽن ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو.
نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد