اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضب??ط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، پاڪ بحريه جي س??براهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم ک?? پاڪ بحريه جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي س??مونڊي سلامتي س??ن لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظم ک?? پاڪ بحريه جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ بحريه کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ک?? خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائيم سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي س??مونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن کي س??راهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي ??از?? دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي س??راهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضب??ط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ بحريه جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دوري ۽ بحريه تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ??ني قين ڏياريو ته پاڪ بحريه الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي س??مونڊي س??حدن ۽ سامونڊي مفادن جو دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.
ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ