اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي لاءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بور?? جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خا?? چيو ته ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهيون، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. ه?? چيو ته سيڙپڪارن جي حوصلا افزائ?? جي لاءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم جاري آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ته انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين س??ول??ن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪار?? جي لاءِ خصوصي مراعتون ۽ س??ول??ون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خا?? چيو ته پاڪستا?? چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.
نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل