اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي م??مل خاتمي لاءِ خاص پوليو جي شروعات ڪر?? ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ پوليو مهم جي شروعات ڪر?? ڇڏي، جنهن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪر??ڙ ٻارن کي ان موذي مرض کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي ويندي. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين ان خاص مهم تحت 2 لک 86 هزار پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي روڪٿام وار?? مهم جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته پاڪستان مان پوليو جهڙي موذي مرض جي خاتمي لاءِ حڪومت ??ان سهڪار ڪندڙ شراڪتدارن ۽ دوست، عالمي تنظيمن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته مان اُميد ڪر??ان ٿو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ شراڪتدارن ??ان گڏجي ملڪ مان پوليو جي م??مل خاتمي ۾ ڪاميابي ماڻيندي. انشاءَ الله پاڪستان مان پوليو جي م??مل خاتمي لاءِ ا??ان جون ڪوششون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي عهديدار، پوليو ورڪرز، سيڪيورٽي اهلڪار سڀني کي پوليو جي روڪٿام لاءِ ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪر??ان ٿو. والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر جي سڀني ٻارن کي معذوريءَ کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا ضرور پيئارين. پنهنجي ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ پوليو جي روڪٿام جي ٽيمن ??ان ڀرپور سهڪار ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ، پوليو جي روڪٿام لاءِ وزيراعظم جي خاص نمائنده ??اشقه رضا فاروق، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، گيٽس فائونڊيشن ۽ گڏيل قومن جي نمائندن ??ان گڏوگڏ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ خاص پوليو جي شروعات ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina