اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ ٻن چيني انجنيئرن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ هڪ زخمي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان چيني ۽ پاڪستاني متاثرين جي خاندانن سان گهري تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعاڳو آهيون. بيان ??وجب دهشتگردي جي اها ڪڌي ڪارروائي نه رڳو پاڪستان ??ر پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي تي به حملو آهي. اسان ??جيد برگيڊ سميت ان بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. ترجمان ??نهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهارين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي پڪڙڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا ۽ وحشياڻي فعل جا مرتڪب سزا کان ??ٿا بچي سگهن. پرڏيهي وزارت ڪوآرڊينيشن جي ل??ءِ چيني سفارتخاني سان ??يجهي رابطي ۾ آهي. بيان ??وجب پاڪستان ۽ چين ويجها حصيدار ۽ ڀائر آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل قدرن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ?? پاڪستان ۾ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي جي ل??ءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ دهشتگرد قوتن کي شڪست ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.
پاڪستان پاران ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری