اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس شاندار ۽ تمام اعليٰ انداز ۾ ٿ??و ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي خوشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪيتريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير دمتري زرائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجلاس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين من??وبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ من??ٽر دمتري زرائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزي??ن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي سيڪ??يٽ??ي ۽ ريلوي واري وفاقي سيڪ??يٽ??ي جي شرڪت ۽ مواصلات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.
قزاخستان ۽ بيلاروس جا وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ