اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ما??ي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي فيصلو ??فا??ي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجمان ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي ما??ي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ ما??ي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪو نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل ما??ي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نوٽيفڪيشن کان پهرين ??فا??ي حڪومت آگاهه ڪيو ويو آهي.
نيپرا اٿارٽي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا