اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ سياسي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گ??يل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ اح??جاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. ٻن??ي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مق??بلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ترقي کان روڪي نٿي سگهي.
گهرو معاملن جي وفاقي وزير سان پرويز خٽڪ جي ملاقات، ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج