رياض- 23 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير توفيق الربيعه چيو آهي ته مملڪت جو سفر ڪندڙ عالمي حج پانڌيئڙن جي حج خرچن جي لاڳت ۾ 39 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، سعودي ميڊيا موجب هن حج لا??ِ مملڪت جي تيارين تي روشني وجهندي چيو ته هلندڙ سال حج سيزن دوران مجموعي طور تي 37 سرڪاري ادارا حج پانڌيئڙن کي خدمتون فراهم ڪندا، ??ج پانڌيئڙن جو انگ ڪورونا ڪوائرس جي وبا کان اڳ جي سطح تي واپس اچي ويو آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري سعودي عرب ۾ پابنديون لاڳو هجڻ کان اڳ تقريبن 26 لک ماڻهو هر سال حج جو فرض ادا ڪندا هئا، ??ن کانسواءِ سعودي هلال احمر هلندڙ حج سيزن دوران مقدس ماڳن تي هنگامي خدمتون لا??ِ 8 آگسٽ اويسٽ لينڊ اي ڊبليو 139 هيلي ڪاپٽر مختص ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان هيلي ڪاپٽرز کي مقدس ماڳن تي هنگامي طبي خدمتن لا??ِ استعمال ڪيو ويندو، هي هيلي ڪاپٽر جديد اوزارن، اهل طبي عملي تي ٻڌل آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رد عمل کي يقيني بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ??عودي عرب جي مقدس شهر مڪي شريف ۾ ساليانو حج 26 جون کان شرو ع ٿيندو، ٻئي طرف خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز هلندڙ سال حج ادا ڪرڻ لا??ِ دنيا جي مختلف ملڪن کان ايندڙن جي آجيان ڪئي.
عالمي حج پانڌيئڙن جي خرچن ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے