واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي انتظاميه فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر م??ن لکين آمريڪي شهرين جي امڪاني نڪري ??ڃڻ واري ??نصوبي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ مطابق هن وقت رڳو اسرائيل ۽ لبنان ۾ 6 کان 7 لک آمريڪي شهري ??وجود آهن جن کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ بدترين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي. آمريڪي اختيارين مطابق اهڙي صورتحال لاءِ رٿابندي نه ڪرڻ غيرذميواراڻو هوندو. آمريڪي اختيارين لاءِ امڪاني ??سرائيلي زميني ڪارروائي بعد جنگ وڌيڪ پکڙجڻ جي خدشي سبب وڌيڪ پريشان آهيون. تازن ڏينهن ۾ آمريڪي انتظاميه پنهنجو سڄو ڌيان ان پيچيده لاجسٽڪ صورتحال ڏانهن ڇڪايو آهي، جيڪو اوچتو وڏي انگ ۾ آمريڪي شهرين جي واپسي جي صورت ۾ پيش اچي سگهي ٿو. واشنگٽن پوسٽ مطابق حماس جي حملي وقت اسرائيل ۾ اٽڪل 6 لک آمريڪي شهري ۽ لبنان ۾ وڌيڪ 86 هزار آمريڪي شهري ??وجود هئا.
آمريڪي انتظاميه طرفان وچ اوڀر مان لکين شهرين جي امڪاني لڏپلاڻ جي منصوبي تي غور
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔