راملا -24 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل جي حملن سبب غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 کان وڌي ويو آهي. فلسط??ن جي صحت کاتي مطابق رات جو اسرائيل جي فوج طرفان ڪيل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي تائين شهيد ٿيل فلسطين??ن جو مجموعي ا??گ 5 هزار کان وڌي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5087 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگ??ن جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه 15273 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي ا??ساني همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ امدادي قافلن کي غزه ڏانهن اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آهي، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي ا??داد جي فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غزه جي شهر??ن جون حياتيون امداد جي فراهمي تي ٻڌل آهن. غزه اسرائيل بحران تي گڏيل قومن جي ا??ساني ا??داد جي رابطا آفيس او سي ا??ڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏن?? آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.
اسرائيل جي حملن ۾ غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي: فلسطيني اختياريون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں