اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي هم منصب مائيڪل پومپيو سان ملاقات خوشگوار رهي، پاڪستان جو موقف خودداري ۽ ذميواري س??ن پيش ڪيو، آمريڪا پاڪستان جي حوالي س??ن پنهنجي پاليسي جو ن??ين سر جائزو ورتو آهي ۽ اسلام آباد کان ڊومور جو ڪو وڌيڪ مطالبو نه ڪيو. پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا خطي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران اسان پاڪستان جو حقيقت پسنداڻو موقف ذميواري ۽ خودداري س??ن پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ