اسلام آبا?? – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن، 30 ڏينهن کان جاري ڪرفيو ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هڪ زبان ٿي عالمي فورمن جو هر دروازو ٺُڪائيندو، هر جمعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جو سلسلو جاري رهندو، ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري يورپين پارليامينٽ ۽ او آءِ سي پاران والاريل ڪشمير بابت موثر آواز بلند ٿيو آهي. وزيراعظم ع??را?? خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ توانائي واري وفاقي وزير ع??ر ايوب خان، وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر سان گڏ وزيراعظم ع??را?? خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ع??را?? خان ڪراچي ۾ اسپتالن جي گند ڪچري کي صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماحول تي پوندڙ منفي اثرن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽري گند ڪچري کي مناسب طريقي سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان قانونن تي موثر عملدرآمد ڪرائين ۽ جتي ضروري سمجهيو وڃي انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
ڪابينا پاران والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ ڀارتي قدمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados