اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪوويڊ 19 کان متاثر مريضن جي استعمال ۾ ايندڙ هڪ دوا (انجيڪشن remdesivir) جي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، ان دوا جي درآمد تي ڊيوٽي لاڳو نه هوندي، وفاقي ڪابينا گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته وچ اوڀر ۾ ڦاٿل پاڪستانين خاص طور تي پورهيت طبقي کي واپس آڻڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ ان حوالي سان سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، وزيراع??م تعميراتي شعبي جي فروغ جي لاءِ اين سي او سي (نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر) جي طرز تي نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارتي تحت اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آه??، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جا نمائندا شامل هوندا، ڪميٽي روزاني جي بنياد تي تعميرات جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جو فاسٽ ٽريڪ حل يقيني بڻائي??دي. اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابي??ا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم ڪورو??ا جي صورتحال جو ملڪي معيشت ۽ خاص طور تي عام عوام جي زندگين تي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪورو??ا جي ڪري ملڪي معيشت کي استحڪام ڏيڻ جون حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيون آهن، معاشي عمل کي جاري رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت تعميرات جي شعبي کي تاريخي مراعاتي پئڪيج ڏنو آهي.
وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام