اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت امام حسين رضه جي عظيم قربانين مان اسان کي زندگي جي ه?? شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏ??هٽ?? جي جدوجهد جي انهن رخن کي ??ظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا معاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي جي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي ??ذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڪربلا واقعو اسانکي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ خاطري ايثار، قرباني، صبر ۽ استقامت جو درس ڏي ٿو: سينيٽ چيئرمين جو پيغام
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز