اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا، ناموس رياست جي ??حفظ، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت هر فورم تي نه رڳو آواز بلند ڪري رهيو آهي پر عملي قدمن جي لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي، اولهندي ملڪن کي خط لکڻ ج?? معاملو ه??ي يا آواز بلند ڪرڻ هجي ??مران خان هر جاءِ تي پنهنجي ??ميداري ادا ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سچو عاشق رسول ﷺ آهي، فلسطينن، ڪشميرين سان ڪلمه طيبه جو رشتو آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مضبوط نه آهي. هو جمعي ڏينهن درٻار عاليه عيدگاهه شريف ۾ فلسطين سان يوم يڪجهتي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت جمعي تي يوم يڪجهتي فلسطين ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي پوري پاڪستان ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويو، اسرائيل 27 هين روزي تي قبله اول مسجد اقصيٰ ۾ جنهن انداز سان ظلم شروع ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي، 250 کان وڌيڪ ٻار شهيد ڪيا ويا، ڪٿي آهن انساني ??قن جون تنظيمون، هن چيو ته جنهن هڪ ناحق قتل ڪيو ان پوري انسانيت جو قتل ڪيو، فلسطين ۾ ٿيندڙ ان ڏکوئيندڙ منظرن تي ڪو به مسلمان خاموش نٿو ويهي سگهي، هن چيو ته جڏهن فلسطين تي حملو ٿيو ته ان وقت وزيراعظم عمران خان مديني ۾ روضه رسول ﷺ تي موجود هو ۽ اتان کان فلسطين تي ٿيندڙ حملي تي آواز بلند ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان جي هدايتن تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي ??جلاس تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو، هن چيو ته عمران خان نه رڳو پاڪستان پر مسلمان امت جو ترجمان بڻجي ??ڀريو آهي، عمران خان انهي طرح ڪشمير مسئلي تي به موثر آواز بلند ڪيو آهي، جتي جتي مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي اتي پوري مسلمان امت کي متحد ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو، ان سان موثر ۽ طاقتور آواز ڪو ٿي نٿو سگهي.
وزيراعظم عملي قدمن جي لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج