اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام اڄ جمعي تي توسيع جو اعلان ڪندو، وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ??اڻ??ن لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا. احساس پروگرام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ??اڻ??ن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو ??ڃي.
پروگرام جي تجربي کي هاڻي سگهه ڏئي وڌيڪ 7 شهرن ۾ وڌايو ويندو جنهن ۾ ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور به شامل آهن. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، سرڪاري ذريعن خميس ڏ??نهن ٻڌايو ته هن سال آڪٽوبر تائين ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام کي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين توسيع ڏني ويندي جڏهن ته خوراڪ جي گاڏين جو تعداد 40 تائين پهچي ويندو. ”احساس ڪو به بکيو نه سمهي“ پروگرام جو مقصد مزدورن ?? ڏهاڙي جي ڪم ڪندڙن ??اڻ??ن کي مفت خوراڪ جي فراهمي آهي.
غريب طبقي کي مفت خوراڪ جي فراهمي سان کين پنهنجي روزاني جي ڪمائي بچائي ان کي پنهنجي گهرڀاتين تي خرچ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هڪ ٽرڪ جي ذريعي روزاني هڪ هزار کان ڏيڍ هزار مستحق ??اڻ??ن کي مخصوص ماڳن تي خوراڪ فراهم ڪئي پئي ??ڃي. مستحق ??اڻ??ن کي هفتي جا ست ڏينهن ۽ سال جا 365 ڏينهن ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو ??ڃي. ”احساس ڪو به بکيو نه سمهي“ پروگرام جون ٽرڪون باورچي خانا کاڌو پچائڻ جي محفوظ ساز ۽ سامان سان ليس آهن، ٽرڪ جي رڌڻي مان کاڌو تيار ڪري ان کي محفوظ طريقي سان مستحق ??اڻ??ن ۾ ورهايو ويندو آهي.
لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ هن وقت تائين 8 لک 31 هزار 625 خوراڪ جا پيڪيٽ ورهائجي چڪا آهن. هلندڙ سال جي آغاز ۾ وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته سال 2021ع ۾ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام شروع ڪيو وڃي ت?? جيئن ڪو به ??اڻ??و بکيو نه سمهي، وزيراعظم عمران خان ان مقصد لاءِ 10 مارچ تي “احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو جنهن جو مقصد، راولپنڊي، اسلام آباد جي گڏيل شهرن جي مستحق ??اڻ??ن کي مفت کاڌي جي فراهمي هئي. ان تجربي جي بنياد تي هاڻي ان پروگرام جو دائره ٻين شهرن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، احساس پروگرام جي نگراني ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٽرڪن جي آپريشنز جي ذميداري پاڪستان بيت المال خوراڪ جي آهي جڏهن ته سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ جي ذمي خوراڪ جي فراهمي آهي،
پروگرام کي سگهه ڏيڻ خاطر ??اڻ??ن جي عطين لاءِ وزيراعظم ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام لاءِ عوام پنهنجا عطيا روڪ يا چيڪ جي ذريعي ڪمرشل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿي. عطيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن سڄي ملڪ جي 15 شهرن ۾ فيلڊ آفيسن ۾ به جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪنهن به ڪمرشل بئنڪ ۾ بئنڪن جي ويب سائيٽس تي ان حوالي سان ڏنل اڪائونٽس ۾ موڪلي سگهن ٿا، احساس پروگرام عطين لاءِ فنڊز جي مينيجمينٽ جو طريقيڪار پاورٽي ايلويشن اينڊ سوشل سيفٽي ڊويزن جوڙي رهيو آهي ت?? جيئن فنڊز جي استعمال ۾ شفافيت رکي سگهجي.