اسلام آباد – 31 جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف ??سٽ?? آف پاڪستان ??سٽ?? گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عبادتگاهن جي لاءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچي ٿي، ??سٽ?? گلزار جهڙن ججن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ججن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائي ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام