اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان ??هچائي رهي آهي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آهي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي رهيو آهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آهن، اهي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آهي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??ن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي نٿو سگهي، ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وزير چيو ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپلزپارٽي تي هاڻي زرد??ري جا ڇاپ لڳي چڪي آهي، پيپلزپارٽي ۾ زرد??ري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي رهيو آهي. شاهه محمود قر??شي چيو ته انهن ميمبرن کي ڊيڄ??ري نٿو سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آهن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آهي، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعجب آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آهي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان ??قابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قر??شي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آهي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قر??شي چيو ته پارٽي کان ??نهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وزن رکي ٿو، ميمبرن جون ٻو??يو?? لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناسب آهي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.
مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز