اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنهنجي بيان ۾ ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو ??لسلو رڪجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ڪرڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، پوليس فورس ۽ انتظامي عم??ي جي ڪنهن به جڳهه مقرري جي خبرن ۾ به ڪنهن قسم جي صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته ايڊيٽوريل لکندڙ ۽ ميڊيا جي ساٿين کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا به بي بنياد خبر نشر ڪرڻ کان اڳ تصديق ڪري وٺو، سوشل ميديا صارفين کي به گذارش آهي ته اهڙي منفي پروپئگنڊه کي رد ڪري ڇڏين.
وزيراعظم هائوس کانسواءِ ڪنهن ٻي جڳهه کي ڪئمپ آفيس ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙيون وڃن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی