اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار ??ند?? مئي جي مه??ني تائين لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي سخت هدايت ??ند?? چيو ته عوام کي جيستائين ان عذاب مان ڇوٽڪارو نه ٿو ملي نه پاڻ سک سان ويهندس نه ڪنهن کي ويهڻ ڏيندس. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي پيدا ڪيل تڪليف کان شهرين کي بچ??ئڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن، تيل ۽ گئس جو بندوبست ٿيڻ تائين عبوري قدمن کي بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف حڪومت ملڪ ۾ اضافي بجلي جي وڏي مقدار فراهم ڪئي هئي، عمران خان بجلي جو هڪ به نئون يونٽ شامل نه ڪيو، نه وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو نه ڪارخانن جي مرمت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عمران حڪومت اسان جي دور جا سستا ۽ تيز ترين بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ بند ڪيا، مهانگي ۽ گهٽ بجلي ٺ??هي??دڙ ڪارخانا استعمال ڪيا ويا، ان ظلم جي قيمت قوم کي هر مه??ني 100 ارب رپين جي شڪل ۾ ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 6 ارب ۾ ايل اين جي جو هڪ جهاز ملي رهيو هو اهو قوم کي 20 ارب ۾ پئجي رهيو آهي، عمران حڪومت جو اهو ظلم قوم کي هن سال 500 ارب کان وڌيڪ ۾ پوندو، توانائي جي شعبي جي تباهي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ڏيوا??پڻ?? ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ ۾ اضافي ۽ عوام جي مشڪلاتن تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena