گڏيل قومون- 02 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته دنيا هن وقت ماليات، خوراڪ ۽ ماحوليا??ي تبديلي جي هڪ ٻئي سان جڙيل بحرانن جو مقابلو ڪري رهي آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عامر خان ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جي حوالي سان قائم اعليٰ سطح جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون سان واپار، انفرا اسٽرڪچر ڪنيڪٽيويٽي، انساني سرمايو، تعليم، صحت، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحوليا??ي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت ڪندڙ، آفتن جي خطري ?? گهٽتائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جي ڪميٽي اسرندڙ ملڪن وچ ۾ ٽيڪني??ي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ 1978 جي بيونس آئرس پل??ن آف ايڪشن تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهي آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون جو ڪو به متبادل ناهي پر ان جي تڪميل لاءِ اتر –ڏکڻ تعاون ۽ اسرندڙ ملڪن کي اتر – ڏکڻ تعاون لاءِ پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي. اسان کي اميد آهي ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد ??ي تعاون کي هٿي ڏيندو رهندو. هن چيو ته پاڪست??ن آَفتن جي خطري ?? گهٽتائي ۽ ماحوليا??ي تبديلين جي منفي اثرن سان مزاحمت رکندڙ خاص طور تي ماحوليا??ي تبديلين سبب گذريل سال ٻوڏ سبب ٿيل تباهين جي ڏس ۾ ڏکڻ جي ڪامياب قدمن تي عملدرآمد جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن کي نقصانن ک??ن آگاهه ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. لچڪيدار بحالي، بحالي ۽ نئين سر تعمير ??و فريم ورڪ (4 آر ايف) مضبوط بحالي کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقياتي هدفن تي ماحوليا??ي تبديلي سبب ٿيل تباهي ۽ آفتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڏکڻ – ڏکڻ تعاون ڏاکڻين ملڪن وچ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن سان انهن کي اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جي عمل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ – ڏکڻ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومن جي نائب مستقل نمائندي جو اعليٰ سطح جي ڪميٽي ۾ خيالن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena