هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر و??اد??مير پيوٽن چيو آهي ته آم??يڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ميدان ۾ روس ک?? اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئ??ي ويو ته اسان سمورن دستياب ذريعن ک?? استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهن??ي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي شڪست ڏيڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ سبب اولهندي ملڪن سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان جنگ ۾ روس ک?? اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان جو مطلب روسي ريا??ت جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي ريا??ت جي هزار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو ممڪن ناهي. روسي صدر اعتراف ڪيو ته ايٽمي هٿيارن ج?? استعمال بابت ڪنهن به تڪراري جي پوري انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئ??ي ويو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن ک?? استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔