رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي ??ائ?? وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صو??تحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه ط??فن ناتن جو جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه ط??فن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صو??تحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صو??تحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب سان گڏ ??زه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ