بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ، شنگھائي ۾ ستين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جو دور?? ڪيو. گذريل ڏينھن پرڏيھي ميڊيا مطابق ان ??وقعي تي ھن نمائش ۾ اسٽالز لڳائڻ وارن ادارن جي نمائندن ۽ خريدارن سان ??لاقات ڪئي. ھن چيو ته چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ھڪ عالمي پراڊڪٽ ۽ گڏيل سھڪار جو اھم پليٽ فارم بڻجي ويو آھي. ھن چيو ته چين جي مارڪيٽ تائين پھچ کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، تعليم، ثقافت، طب سميت ٻين ميدانن کي وسيع ڪيو ويندو. ڪاروبا??ي ماحول کي بھتر بڻايو ويندو، ڪاروباري ادارن جي ڳڻتي تي فوري نوٽيس و??ي انھن مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو .چيني وزيراعظم اميد ظاھر ڪئي ته پرڏيھي سيڙپڪار چيني مارڪيٽ ۾ موجود رھندا ۽ وڌيڪ اعليٰ معيار جي مصنوعات ۽ ٻيون خدمتون چين ۾ آڻيندا، اميد آھي ته اھي چيني خريدارن سان گڏجي سھڪار کي وسيع ڪندا ۽ چين کي امپورٽ مرڪز کان علاوه سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي اھم مقام طور عالمي منڊي سان جوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو. ان ??وقعي تي ڪاروباري ادارن جي نمائندن چيو ته اسان ??اڻ چين جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جو مشاھد?? ڪيو آھي. اسان ??ارڪيٽ تائين پھچ کي آسان بڻائڻ، ڪاروبا??ي ماحول کي بھتر بڻائڻ ۽ ڪاروباري ادارن جي ترقي جي حمايت ڪرڻ جي حوالي سان چيني حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا. پرڏيھي سيڙپڪارن جي نمائندن چيو ته اسان چين جي مارڪيٽ بابت پراميد آھيون ۽ چين جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ سيڙڪاري ڪري اتي ترقي کي ھٿي ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪنداسين.
چين جي وزيراعظم پاران شنگھائي ۾ ستون چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جو دورو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج