اسلام آباد – 21 م??ي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي، هي هڪ منفرد دوستي آهي، اسان سٺا پاڙيسري، ويجها دوست، بااعتماد حصيدار ۽ مضبوط ڀائر ملڪ آهيون، اسان جا لاڳاپا مضبوط حڪ??ت عملي تحت سدابها?? تعاون جي حصيداري سبب اڄ استحڪام جي بلندين تي پهچي رهيا آهن. پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن چيو ته بين الملڪي انهن تبديلين نه رڳو هڪ ڀيرو پوري دنيا کي لوڏي ڇڏ??و پر ان جي ڪري ٻنهي ملڪن جي سياسي منظرنامي کي پڻ هڪ نئين جدت ملي، انهن سمورين تبديلين سبب اسان جي دوستي استحڪام جي نئين حدن تائين پهچي رهي آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان مضبوط رشتي مستقبل ۾ هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڍال فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis