اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جاگرافيائي بيهڪ سبب پاڪستان ۽ او??ان فطري اتحادي آهن، ڪراچي، گوادر ۽ مسقط جي وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز خوش آئنده آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي نئين باب جو آغاز ٿيندو، هي سروس انهن هنڌن تي باقاعدگي سان سفر ڪندڙ ماڻهن جي وڏي تعداد جي لاءِ اچ وچ جو سستو ۽ متبادل ذريعو فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه او??ان جي اسٽيٽ ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر يحيٰ محفوظ سليم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ قيادت سلطان قابوس بن سيد السيد ۽ او??ان جي ڀائر عوام جو بي ح?? احترام ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات