اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس جي حوالي سان قانونن ۽ ض??بطن کان پهرين ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پي آءِ ڊي ۾ صرف حڪومتي آفيشلز ۽ وزير ئي پريس ڪانفرنس ڪري ??گهن ٿا، تحريڪ انصاف کي قانونن جي خلاف ورزي جي عادت پئجي چڪي ??هي?? هو سمجهن ٿا ته هو ڪٿي به وڃي ڪجهه به ڪري ??گهن ٿا، وڏي آواز ۾ ڪنهن اداري کي گاريون ڏئي ان کي دٻاءُ ۾ نٿو آڻي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پي آءِ ڊي ۾ پهرين به پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين خط جي ذريعي لکي ان بابت آگاهي ڏني وئي هئي ته ڪير هتي پريس ڪانفرنس ڪري ??گهي ٿو ۽ پي آءِ ڊي جا قانون ۽ ض??بطا ڪهڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس