اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن وا??ي وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا و??يراعظم کي ڪورونا و??ئرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پ??ڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احسا?? ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احسا?? ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن وا??ي وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا و??ئرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم سان وفاقي وزير علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو