اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ عالمي ??نڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. قومي اسيمبلي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته حقيقت اه?? آهي ته اوپيڪ ??ي باسڪٽ قيمت ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي ??ارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضافو ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 رپيا ??ڻجي ٿو جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 41 بدران 25 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 24 رپين بدران 21 رپيا ??ضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ان ??ي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏکڻ ايشيا ??ي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن. هن چيو ته جنوري ۾ پيٽرول جي قيمت 116.7 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 127.26 رپيا هئي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 42 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 47 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ته موجوده اضافي ??ي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي قيمت 17 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 26 رپيا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 رپيا ??هي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 رپيا ف?? ليٽر آهي. هن چيو ته جنهن وقت عالمي ??نڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته حڪومت عوام کي فائدو منتقل ڪيو جڏهن اضافو ٿيو ته اسان هڪ حد تائين اضافو ڪيو.
تيل جي قيمتن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي: عمر ايوب
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha