اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي ??ڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، ادارن تي ڳالهائي پاڪستان کي تمام وڏو نقصان پهچائڻ جي راند کيڏي پئي وڃي، دشمنن جي زبان استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پوري طرح ادارن سان گڏ بيٺل آه??ون ۽ ڪا به اهڙي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي جيڪا ملڪ ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي هن ملڪ جي لاءِ بيٺا آه?? انهن کي ??قصان پهچائي سگهي، ڪالهه انهن جو پهريون شو ئي فلاپ ثابت ٿيو، انهن جو ڪو مستقبل نه آه?? هڪ مهيني جي تيارين جو انجام فلاپ شو جي شڪل ۾ نڪتو. ڪنوينشن سينٽر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته گوجرانوالا جيڪو نواز شريف جو سسرال ۽ مريم نواز جو ناناڻو آه??، ان مخالف ڌر جي جلسي جي حوالي سان جنهن سردمهري جو مظاهر?? ڪيو آه?? ان مان مخالف ڌر کي سمجهڻ گهرجي ته ذاتي ايجنڊا جي تحفظ جي لاءِ ڪير ٻاهر نه نڪرندو.
پاڪستان جي عوام ذاتي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش