اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن ج?? قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چيني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ ج?? ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پن??نج?? پن??نج?? حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي مبارڪباد ??ني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پن??نج?? چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چين دوستي کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل جي حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چين جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پن??نج?? خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏ?? اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي صدرن پاران ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز