اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ??در ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان ??در ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر وف??قي ٽيڪس محتسب جي سو??وٽ?? ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف ??در کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وف??قي ٽيڪس محتسب واقعي تي سو??وٽ?? نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر ??در جي حڪمن ۽ وف??قي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻو هو. ??در ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وف??قي محتسب کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
صدر 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ ايف بي آر جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن