اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪي?? ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قا??ون جي ڪٽهڙي ۾ آند?? ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قا??ون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت ??زا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهي?? ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت