بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغان??تا?? ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون پاڪ??تا?? ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دور??ن وزيراعظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪ??تا?? اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي ا??لا?? منعقد ڪيو. ا??لا?? دور??ن وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪ??تا?? جي پختي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چين سان پاڪ??تا?? جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? سيڙپڪاري لاءِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جو اهو عزم هو ته عالمي سيا??ت ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪ??تا?? ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم پاڪ??تا?? جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪ??تا?? جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغان??تا?? ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪ??تا?? ۽ چين جي گڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪ??تا?? ۽ چين جي افغان??تا?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ڪاهه کي علائقائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ڊگهي عدم استحڪا?? جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. ا??لا?? ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena