اسلام آب??د – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبار??با?? ڏني آهي. پي ايم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر اياز خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ تنظيم جي ٻين چونڊيل ميمبرن کي مبار??با?? جو پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مخلوط حڪومت نه رڳو ميڊيا جي آزادي جي تحفظ تي پڪو يقين رکي ٿي پر ان جي فروغ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم ميڊيا تنظيم آ??ي ۽ ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو. هن صحافين/ ميڊيا پرسنز ۽ صحافت جي خدمت جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل باڊي جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو