اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريع?? سامونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي م??اسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور امين?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. صدر چيو ته فيري سروس سان پاڪستان?? سامان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. صدر چيو ته پاڪستان ج?? سامونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترق?? سان سامونڊي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. صدر چيو ته سامونڊي علائقي جي ترق?? سان پاڪستان جي م??فرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامونڊي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئ?? سان ويجهي هم آهنگ?? سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانون?? سامونڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان عالم?? سامونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. صدر کي ان موقعي تي پاڪستان ۾ سامونڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر کي پاڪستان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪستان ج?? سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 ب??ڙي?? تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪ??وميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي م??ڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.
سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔