بيجنگ – 24 – آگسٽ (اي پي پي) چين ??نڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين ??ان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انس??ني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هتي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته چين ??ازو ئي پاڪستان ۾ ڪيترين ??ي جاين ??ي شديد ٻوڏ اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ وڏو ج??ني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان چيو ته اسان آفت سٽيل علائقي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گهري تعزيت ۽ متاثرين ۽ زخمين ??ان دلي همدردي جو اظهار ڪرڻ چاهيون ٿ??. ه?? چيو ته چين ۽ پاڪستان سچا دوست آهن جيڪي هڪ ٻئي جي ڏک ۽ پريش??ني ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ وڏي قدرتي آفتن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي سدائين ??ٺي روايت رهي آهي. هن وڌيڪ چ??و ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪ چين ??قتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت چين پاران فراهم ڪيل 4000 تنبو، 50000 ڪمبل، 50000 ٿُلهيُون چادرُون ۽ ٻيون امدادي شيون قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ چين ٻوڏ متاثرين ??ي لاءِ 25 هزار تنبو ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي، ريڊ ڪراس سوسائٽي چائنا هلال احمر پاڪستان کي هنگامي طور تي 3 لک ڊالر ??وڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته چين ??فتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ٻين ??عبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيندا رهند??. ه?? وڌيڪ چ??و ته اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته پاڪست??ني حڪومت جي قيادت ۾ ۽ عالمي برادري جي گڏيل مدد سان آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجي معمول جي زندگي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وينچوآن ۾ 2008ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي دستياب سمورا تنبو چين موڪليا هئا ۽ چين پاڪستان جي مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فراهم ڪيل ان امداد کي نه ٿو وساري سگهي. ميڊيا جي ذريعن جي رپورٽس موجب چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پئم??ني تي ٻوڏ اچڻ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ٽي لک کان وڌيڪ بي گهر ٿيا آهن.
چين پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان تعزيت جو اظهار، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ