ڪابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ب??تستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ٻوڏ ۾ فوت ٿ??ند??ن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ گلگت ب??تستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿ??ند?? نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گلگت ب??لس??ان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڪشمير ۽ گلگت ب??تستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ وزيراعظم جو پبلڪپاليسي/ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن وارو خاص معاون فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي گلگت ب??تستان حڪومت ۽ غذر جي ضلعي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ مجموعي طور تي 10000 ڪينال زرعي زمين متاثر ٿي، 1000 کان وڌيڪ گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو. درجنين پليون، سوين واٽر سپلائي لائينون ۽ واٽر چينلز تباهه ٿيا. ان کانسواءِ ٻوڏ ج?? ڪري سوين ڪلوميٽر رستي جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم اعلان ڪيو ته گلگت ب??تستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏنا ويندا. وزيراعظم پاران ٻوڏ ۾ فوت ٿ??ند??ن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. بوبر ڳوٺ جا 17 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا. ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين ۾ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويا. وزيراعظم ٻارڙي سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان جي لاءِ 50 لک رپين جو اعلان ۽ ان جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم جي هدايت تي ٻوڏ کان متاثر 10 يونين ڪائونسلز جي متاثر خاندانن کي 25000 رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم عذر ضلعي جي ٻوڏ ج?? ڪري س?? کان وڌيڪ متاثر ٿ??ند?? ڳوٺ بوبر جي لاءِ 100 ملين رپيا فنڊ ۽ وفاقي گرانٽ جي ذريعي ڳوٺ بوبر جي لاءِ 5 ڪلوميٽر پڪي رستي جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي غذر ضلعي ۾ 6 تباهه ٿيل پلين جي تعمير ۾ مدد جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ گلگت ب??تستان جو چيف سيڪريٽري گڏجي فوري طور تي ٻوڏ سبب ٿ??ند?? نقصان جو ڪاٿو لڳائين.
وزيراعظم گلگت بلتستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان، ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏنا ويندا
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا