اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، ح??وم?? بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن، ح??وم?? بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ??اڪ??، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ??اڪ?? شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ ما??ي سال جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪومت بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino