اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي سختي سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئ??ڪ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 س??ڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 س??ڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پا??ستان ۾ عالمي بئ??ڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پا??ستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي سان اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ??و. ??ن لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پا??ستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، ??پورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فراهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.
پاڪستان ۾ معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری