اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن ۾ دير جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪم??شن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چونڊن جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪم??شن ڏيندي، اليڪشن ڪم??شن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي وسيلا فراهم ??رڻ اسان جي ذميواري آهي، نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي، هر هڪ کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ ??هڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينلز ”آج نيوز“ ۽ ”سنو نيوز“ جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت پٽ??شن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت اليڪشن ڪم??شن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي جڏهن ته حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو. هن چيو ته صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ??رڻ جي ذميواري اليڪشن ڪم??شن جي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت قائم ٿي آهي، اسان جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عملدرآمد جا پابند آهيون. هن چيو ته ڪنهن جي بيگناهي ۽ سزا جو فيصلو عدليه کي ڪرڻو آهي جڏهن ته آئين موجب هر شخص کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته شڪايت ۽ تنقيد ??رڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪنهن کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته اسان امن امان کي قائم رکون، ڪنهن به قسم جي بدانتظامي يا سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا نه ٿئي. هڪ ??وال جي جواب ?? هن چيو ته چونڊون منعقد ??رڻ ۾ دير جو تاثر صحيح نه آهي، اليڪشن ڪم??شن پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪم??شن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي جڏهن ته حتمي تاريخ طئي ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪم??شن پنهنجي ڏنل شيڊيول عمل ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته هر سياسي پارٽي جو پنهنجو هڪ موقف هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ ??وال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ڪو اڳواڻ ڪابينا ۾ موجود نه آهي. هن چيو ته چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪم??شن ڪندي جڏهن ته ان کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جا وسيلا فراهم ??رڻ اسان جي ذميواري آهي. نجڪاري بابت هڪ ??وال جي جواب ?? اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، گذريل حڪومت ۽ پارليامينٽ پاران منظور ٿيل فهرست موجب نجڪاري تي عملدرآمد ??رڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير ان حوالي سان شاندار انتظامي تجربو رکي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ?? اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياستي ميڊيا سمورين سياسي پارٽين کي هڪ ??هڙي ڪوريج ڏئي رهي آهي، پي ٽي وي تي سمورين پارٽين کي هڪ ??هڙي ڪوريج ملي رهي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير پاران چونڊن ۾ دير جو تاثر رد، اليڪشن ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چونڊن جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ