??سل??م آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي، عربي ٻولي جي خدمت ب?? عبادت آهي، ترقي جو واحد حل تعليم کي ترجيح ڏيڻ ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ??سل??مي يون??ور????ي جي انتظام هيٺ ”عربي ٻولي کي هٿي وٺائڻ ۾ ادارن ۽ ماڻهن جو ڪردار“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عربي فصالحت واري ٻولي آهي جيڪو وهندڙ درياءُ آهي جنهن جي رواني هر گذرندي ڏينهن سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته عربي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمي ??سل??مي يون??ور????ي جو ڪردار مثالي آهي جتي مصر، سوڊان، سعودي عرب سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا استاد بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عالمي ??سل??مي يون??ور????ي جهڙن ادارن کي معاشري ۾ وڌائڻو ??ون??و ۽ جامع طرز تعليم جي باقي يون??ور??ٽيون به اپنائين. ڪانفرنس کي يمن جي سفير محمد مطهر العشبي خطاب ڪندي چيو ته عربي قرآن پاڪ جي ٻولي آهي، اسان نماز به عربي ۾ پڙهندا آهيون، عربي کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
عربي ٻولي مسلمانن جو عظيم اثاثو آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔