اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته بنا شڪ جي ا??با?? جي شاعري ۽ فلسفي ۾ اول??ن مخاطب مسلمان هئا پر سندس فڪر آفاقي ۽ همه گير آهي ۽ سندس پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه ا??با?? اوپن يونيورسٽي ۾ ”ف??ر ا??با?? ايڪهي?? صدي جي روشني ۾ عالم اسلام جي ٻن عظيم شاعرن ا??با?? ۽ محمد عاڪف“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعليم واري وفاقي نگران وزير چيو ته ف??ر ا??با?? ۾ اڄ جي مسئلن جو حل موجود آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ا??با?? جي سياسي فڪر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد ا??با?? جي نالي سان منسوب هن يونيورسٽي ۾ ف??ر ا??با?? تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي جنهن ۾ نه رڳو سڄي پاڪستان مان دانشور ۽ ا??با?? شناس شرڪت ڪري رهيا آهن پر مصر، ايران ۽ ترڪيه جا صاحب دانش به هتي موجود آهن، ا??با?? تي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ڪانفرنس جو بندوبست ا??با??يات واري شعبي يونس ايمري انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان ڪيو آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي يونيورسٽي انهن يونيورسٽ??ن مان آهي جنهن ۾ ا??با?? جي فڪر ۽ شاعري کي سمجهڻ، ا??با?? جي تعليم کي واڌ ويجهه لاءِ ا??با??يات شعبو ٺهيل آهي. هن چيو ته اسان هن شعبي جي ذريعي علامه ا??با?? جو پيغام نوجوانن تائين پهچائيندا آهيون. هن چيو ته نئين نسل جي تربيت لاءِ ف??ر ا??با?? سان رجوع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ا??با?? جي تعليم ۾ نوجوان نسل جي تربيت جي فڪر کي ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
اقبال جو پيغام سڄي دنيا جي انسانن لاءِ آهي ۽ اڄ به اسان کي ان جي ضرورت آهي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد