اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي مح??سب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل لائيف انشورنس ??ي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي ??ي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي مح??سب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي مح??سب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي ??اخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات ق??ول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ??يجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي مح??سب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي ??در وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ??رڊيننس موجب ڪا انشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير ??ه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي مح??سب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي ??ي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی