اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??ي صدارت هيٺ تعليم واري وفاقي وزارت ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف ڊي اي ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر نمائندن کان علاوه تعليم واري وزارت جي سينيئر عملدارن به ??رڪت ڪئي. وفاقي وزير کي ايڇ اي سي پرائيويٽ ميمبر بل ”دي سمارٽ انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (ترميمي) بل 2023ع“ جي باري ۾ بريفنگ ڏني. کيس ??ُڌ??يو ويو ته ??يڇ اي سي يونيورسٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي تيار ڪري رهيو آهي. ڊي جي ايف ڊي اي وفاقي وزير کي ايف ڊي اي جي استادن جي تربيت جي حوالي سان به ??ريفنگ ڏني. مدد علي سنڌي کي هن وقت اسلام آباد ۾ ڪيمبرج سسٽن تحت اي ۽ او ليول ۾ تعليم هيٺ شاگردن جي انگ جي باري ۾ ??ُڌ??يو ويو. وفاقي وزير کي ??ُڌ??يو ويو ته ??سلام آباد ان جو انگ تقريبن 6 هزار آهي. مدد علي سنڌي ??يڇ اي سي ۽ ايف ڊي اي کي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ اهڙيءَ طرح جي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا