اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته هن هفتي شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي غيرذميواراڻي حملي سان خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي هڪ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، اهو حملو گڏيل قوم?? جي چارٽر، عالمي قانون ۽ ڪن??ينشنز جي خلا?? ورزي آهي. هن چيو ته گذريل 6 مهينن دوران عالمي انساني قانو?? جي منظم خلا?? ورزين ۾ ملوث رهيا آهن، انساني بحران جو شڪار ماڻه?? جي لاءِ خوراڪ آڻيندڙ انساني امدادي قافلي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانو?? جي سنگين خلا?? ورزي آهي. غزه ۾ انساني امدادي قافلن تي اسرائيلي حمل?? جي مذمت ڪندي هن انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي حڪمن تي ”فوري، مڪمل ۽ موثر“ عملدرآمد ۽ اسرائيل جي ڏوهن تي عالمي احتساب جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان 25 مارچ تي منظور ڪيل گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 تي مڪمل ۽ تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جنه?? جي نتيجي ۾ هڪ مستقل جنگبندي، انساني امداد جي فراهمي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شهري?? جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن ايرا?? جي ڏکڻ اوڀر صوبي سيستان ۽ بلوچستا?? جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ خميس ڏينهن دهشتگرد حملي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ ايرا?? جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستا?? جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جا منتظر آهيون. بشام ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي حملي کانپوءِ چيني فرمن پاران منصوبن تي ڪم عارضي طور تي روڪيو ويو هو پر سيڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندو ۽ افغان عبوري حڪومت مان اميد آهي ته هو پاڪستا?? جي اندر دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث عسڪريت پسند گروپن يا قوت?? جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهري?? جي واپسي بابت ترجمان چيو ته اها پاليسي افغاني?? جي لاءِ مخصوص نه آهي پر ان ۾ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن غيرملڪي شهري?? جي انه?? جي وطن واپسي شامل آهي. هن چيو ته غيرملڪي?? جي هڪ محدود انگ کي ملڪ بدر ڪيو ويو ڇو ته اڪثريت رضاڪاراڻي طور تي واپس وئي آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي ون ويزا پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ڇو ته پاڪستان ايندڙ سمورن غيرملڪين وٽ درست پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ گهرجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويز?? جي سيڪريٽري وقار احمد شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽريز جي 19 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه، قازقستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽري خطي ۾ دهشتگردي جي ڪاررواي?? جي ڏورس اثرن بابت خبردار ڪيو ۽ دهشتگردي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تي زور ڏنو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون کي 2024ع جي لاءِ گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي واري ڪميشن جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صدارت دوران سفير جدون گهڻ رخي مڪالمي ۽ تعاو?? جي اصولن کي برقرار رکندو ۽ گڏيل قوم?? جي هٿيار?? جي خاتمي واري ڪميش?? جي مينڊيٽ کي فروغ ڏيندو ته جيئن هٿيار?? جي خاتمي جي شعبي ۾ مختلف مسئلن تي غور ۽ سفارشون پيش ڪيون وڃن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي ترجمان چيو ته ڀارتي قابض عملدار هڪ ڀيرو ٻيهر سرينگر جي عيدگاهه ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سرينگر جي تاريخي جامع مسجد جي خطيب ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي سندس ابن ڏاڏ?? جي ياد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي. اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻه?? جي پرامن ميڙ ۽ مذهبي آزادي جي حق جو احترام ڪن، پاڪستان گ??يل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
شام ۾ ايراني قونصلخاني تي تازي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، خطي ۾ اسرائيل جي ”مهم جوئي“ ناقابل قبول آهي، غزه ۾ اسرائيل جي ظلمن ۽ اڳ کان غيرمستحڪم خطي ۾ غيرذميواراڻي حملي تي ان کي جوابده ٿيڻ گهرجي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک