اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چي?? جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گ??وگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊون?? ۽ ??اڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني وفد وزيراعظم جي چي?? جي دوري کانپوءِ چي?? جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستا?? جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چيني قيادت، صدر شي جن پن?? ۽ ??زيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن ج?? اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستا?? جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻي?? جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزيراعظم پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وفد کي پاڪستا?? جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني وفد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil